جهنگل گهوٽو (ڳوٺ)

جهنگل گهوٽو (ڳوٺ): هيءُ ڳوٺ گهوٽڪيءَ کان 7 ڪلوميٽر اولهه طرف جاڙي واهه جي ڪناري تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو اصل نالو ڳوٺ خير محمد گهوٽو هو. ليڪن وقت ۽ حالتن جي تبديلين جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو جهنگل گهوٽو مشهور ٿي ويو آهي. هيءُ ڳوٺ سوين سال پراڻو آهي. ڳوٺ جي وڏي خصوصيت هيءَ آهي ته هن ڳوٺ جي هر گهر ۾ ٻه ٽي قرآن پاڪ جا حافظ موجود آهن. اهو ڪارنامو حافظ مولانا محمد يونس جو آهي، جو سندس محنت سان هن ننڍي ڳوٺ کي اهو شرف حاصل آهي. هن ڳوٺ ۾ ڪافي عالم ۽ نيڪ دل انسان پيدا ٿيا. جن ۾ حافظ مولانا محمد يونس گهوٽو، فاضل ديوبند شيخ الحديث مولانا عبدالحئي الحسيني، مولانا قاري عبدالرحيم گهوٽو ۽ ميانجي علي شير قابل ذڪر آهن. هن ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول ۽ ديني مدرسو به آهي، جنهن ۾ هڪ ناياب ڪتابن جي لائبرري آهي، جيڪا مولانا خالد الحسينيءَ جي نگرانيءَ هيٺ هلي رهي آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو